ڪراچي-01 نومبر(اي پي پي) آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ اعلان ڪيل پاڪستان جي ٽي – 20 اسڪواڊ ۾ شامل 06 رانديگر 2 نومبر ڇنڇر کان 06 نومبر تائين نيشنل بينڪ اسٽيڊيم ڪراچي ڪيمپ ۾ حصو وٺندا. ميزبان آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ٽي 20- ميچن جي سيريز 14 کان 18 نومبر تائين کيڏي ويندي. ڪيمپ ۾ شريڪ رانديگر جهانداد خان، محمد عباس آفريدي، عير بن يوسف، صاحبزاده سفيان مقيم ۽ عثمان خان ڪراچي ۾ موجود آهن، ڪوچ سعيد بن ناصر پنجن ڏينهن واري ڪيمپ جي نگراني ڪندو جتي رانديگر تربيتي ڪيمپ ۾ سکيا حاصل ڪندا.ڪيمپ جي پڄاڻي تي رانديگر 10 نومبر تي آسٽريليا روانا ٿيڻ کان اڳ پنهنجي شهرن ڏانهن روانا ٿيندا.