پيرس- 01 نومبر (اي پي پي ) موزيل اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو 21هون ايڊيشن 3 نومبر کان فرانس جي مشهور شهر ميٽز ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ کي ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. ٽورنامينٽ ۾ مينز سنگلز ۽ مينز ڊبلز مقابلا ٿيندا. ٽورنامينٽ انڊور هارڊ ڪورٽ تي کيڏيو ويندو، جنهن ۾ مردن جي سنگلز مقابلن ۾ ميزبان فرانس جو ٽينس اسٽار يوگو همبرٽ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو، جڏهن ته مردن جي ڊبلز مقابلن ۾ موناڪو جا ٽينس رانديگر هيوگونس ۽ سندس پولينڊ جي دار جان زيلنڪسي تي ٻڌل سيڪنڊ سيڊڊ جوڙي اعزاز جو دفاع ڪندي. ٽورنامينٽ جي انتظاميه مطابق ايونٽ هارڊ ڪورٽ انڊور تي کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ٽينس جي دنيا جا ناميارا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. ٽورنامينٽ 9 نومبر تي پڄاڻيءَ تي پهچندو.