ڪينبرا-01 نومبر (اي پي پي ) آسٽريليا ڪرڪيٽ (سي اي) جي انتظام هيٺ عورتاڻي بگ بيش ليگ جي 10هين ايڊيشن ۾ انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو آسٽريليا ۾ جاري آهي. ليگ ۾ 2 نومبر ڇنڇر ڏينهن تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ برسبين هيٽ ۽ هوبارٽ هريڪنز جي عورتاڻي ٽيمن وچ ۾ ميلبورن ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ ميلبورن رينيگڊز ۽ پرٿ اسڪارچرز جي ٽيمن وچ ۾ ميبلورن ۾ ئي کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ زور آزمايون ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ دفاعي چيمپئن ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز، برسبين هيٽ، هوبارٽ هريڪنز، ميلبورن رينيگڊز، ميلبورن اسٽارز، پرٿ اسڪارچرز، سڊني سڪسرز ۽ سڊني ٿنڊر شامل آهن. ٽورنامينٽ ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي ٽيم ٽائٽل جي دفاع لاءِ ڪوشش ڪندي. ليگ ۾ فائنل سميت 43 ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ پهرين ڊسمبر تي پڄاڻيءَ تي پهچندو.