جيميڪا -30 (اي پي پي )ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 31 آڪٽوبر تي سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم، نارٿ سائونڊ ، انٽيگا ۾ کيڏي ويندي انگلينڊ جي ٽيم اڄ ڪلهه ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي هوءَ پنهنجي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ پنجن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ليام ليونگسٽون ون ڊي سيريز ۾ انگلش ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات (اڄ) خميس ڏينهن پهرين ميچ سان ٿيندي اها ميچ سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم، نارٿ سائونڊ، انٽيگا ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ 2 نومبر تي سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم، نارٿ سائونڊ، انٽيگا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 6 نومبر تي ڪنگسٽن اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 نومبر تي ڪنگسٽن اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 11 نومبر تي ڪنگسٽن اوول، برج ٽائون ، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ٽي – ٽوئنٽي ميچ 15 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، گروس آئيليٽ، لوشيا ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ٽي – ٽوئنٽي ميچ 17 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، گروس آئيليٽ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 18 نومبر تي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، گروس آئيليٽ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي.