اسلام آباد -30 آڪٽوبر (اي پي پي) چوٿين ٽي - ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جي سکيا ڪيمپ پهرين نومبر کان شروع ٿيندي. پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ لميٽيڊ جي صدر سيد سلطان شاهه گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ سکيا ڪيمپ ۾ 22 راندين کي چونڊيو ويو آهي جن کي ڪوچز ۽ ٽرينر جديد …
چوٿين ٽي – ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جي سکيا ڪيمپ پهرين نومبر کان شروع ٿيندي: سيد سلطان شاهه
اسلام آباد -30 آڪٽوبر (اي پي پي) چوٿين ٽي – ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جي سکيا ڪيمپ پهرين نومبر کان شروع ٿيندي. پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ لميٽيڊ جي صدر سيد سلطان شاهه گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ سکيا ڪيمپ ۾ 22 راندين کي چونڊيو ويو آهي جن کي ڪوچز ۽ ٽرينر جديد ۽ اعليٰ معيار جي سکيا ڏيندا. هن چيو ته پي بي سي سي ڊوميسٽڪ سطح تي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 22 رانديگرن کي ورلڊڪپ لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو هو جن مان 16 رڪني ٽيم جو اعلان نومبر جي ٻئي هفتي ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته پي بي سي سي ورلڊڪپ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ورلڊ ڪپ جون 15 ميچون لاهور ۽ 9 ميچون ملتان ۾ کيڏيون وينديون. ورلڊڪپ لاءِ پي سي بي 3 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن. هن چيو ته ورلڊ بلائينڊ ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ 22 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين لاهور ۽ ملتان ۾ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جي افتتاحي تقريب 22 نومبر تي لاهور ۾ ٿيندي جنهن جي خاص مهمان وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف هوندي.











