جميڪا-29 آڪٽوبر (اي پي پي )ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 31 آڪٽوبر تي سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم، نارٿ سائونڊ، اينٽيگا ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم هن وقت ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي ۽ اها پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 03 ون ڊي ۽ 05 ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ 2 نومبر تي انٽيگا ۾ ئي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 6 نومبر تي ڪنگسٽن اوول، برج ٽائون ، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي.