گوانگ زو -28 آڪٽوبر(اي پي پي ) سربيا جي ٽينس اسٽار اولگا ڊينيلو ويچ بهترين ڪارڪردگي سبب ڊبليو ٽي اي گوانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي . ڪامياب رانديگر عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ آمريڪي مخالف رانديگر ڪيرولين ڊولهائيڊ کي شڪست ڏني . ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ گوانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو چين جي مشهور شهر گوانگ زو ۾ نانشا انٽرنيشنل ٽينس سينٽر ۾ جاري آهي. عورتن جي سنگل مقابلن جي فائنل ميچ ۾ سربيا جي ٽينس اسٽار اولگا ڊينيلو ويچ شاندار ڪارڪردگي سبب آمريڪي مخالف ڪيرولين ڊولهائيڊ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3 ۽ 6-1 تان هارائي ٽورنامينٽ کٽي ورتو.