راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ کان اڳ مير حمزه کي کاٻي ٽنگ ۾ تڪليف سبب اسڪواڊ کان ٻاهر ڪيو ويو. پي سي بي موجب مير حمزه کي اسڪواڊ مان ڪڍيو ويو آهي. مير حمزه کي ٽئين ٽيسٽ کان اڳ کاٻي ٽنگ ۾ هلڪي تڪليف محسوس ٿي هئي، ٽنگ ۾ تڪليف سبب مير حمزه ٽريننگ ۾ حصو نه وٺي سگهيو. احتياطي تدبيرن طور پي سي بي جي ميڊيڪل ٽيم سان ڪراچي ۾ صحتيابي ۽ بحالي جو عمل مڪمل ڪندو.