نئين دهلي -22 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي ڪرڪيٽ اينڊ ڪنٽرول بورڊ جي پڌرائي مطابق ڀارت جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڏکڻ آفريقا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 4 عالمي ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کڏندي. ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ 4 ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 8 نومبر تي کيڏيل ميچ سان ٿيندي، اها ميچ ڪنگسميڊ، ڊربن ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽوئنٽي ميچ 10 نومبر تي سينٽ جارج پارڪ، ڪيبيخا ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ 13 نومبر تي سپر اسپورٽس پارڪ سينچورين ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 15 نومبر تي وانڊررز اسٽيڊيم، جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي.