ملتان-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار راند ۾ ڪم بيڪ ڪندي انگلينڊ کي 152 رنسن تان ھارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ملتان انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ چوٿين ڏينھن انگلينڊ راند جي شروعات ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 36 رنسن سان ڪئي، پر پاڪستاني اسپنر ساجد خان ھڪ رنس جي اضافي تي ئي انگلش رانديگر اولي پوپ کي …
پاڪستان جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 152 رنسن تان شڪست، سيريز برابر
ملتان-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار راند ۾ ڪم بيڪ ڪندي انگلينڊ کي 152 رنسن تان ھارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ملتان انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ چوٿين ڏينھن انگلينڊ راند جي شروعات ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 36 رنسن سان ڪئي، پر پاڪستاني اسپنر ساجد خان ھڪ رنس جي اضافي تي ئي انگلش رانديگر اولي پوپ کي پويلين موڪلي ڇڏيو، 18 جي انفرادي اسڪور تي نعمان علي جوروٽ کي به ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪري ڇڏيو. واضح رھي ته پاڪستان ٻي ٽيسٽ جي پھرين اننگز ۾ 366 رنسون ٺاھيون ھيون جنھن جي جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 75 رنسون جي خساري سان پھرين اننگز ۾ 291 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ھئي. ٻئين اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم جا رانديگر 221 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويا ھئا ۽ انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 297 رنس جو ھدف ڏنو. انگلينڊ جي پوري ٽيم ٻي اننگز ۾ 144 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ساجد خان کي ميچ جو بھترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستاني اسپنرن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪري انگلينڊ جي ٽيم جي بيٽنگ لائين تباهه ڪري ڇڏي. پهرين اننگ ۾ ساجد خان ۽ ٻي اننگ ۾ نعمان شاندار بالنگ ڪئي.











