ملتان-18 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته مشڪل وقت کانپوءِ ڪاميابي ملي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ اها ڪاميابي تمام ضروري هئي، اهو اسان لاءِ ۽ فينز لاءِ تمام وڏو رليف آهي، اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ پريس …
گهڻي وقت کانپوءِ ڪاميابي نصيب ٿي، اها ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ تمام ضروري هئي: ڪپتان شان مسعود
ملتان-18 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته مشڪل وقت کانپوءِ ڪاميابي ملي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ اها ڪاميابي تمام ضروري هئي، اهو اسان لاءِ ۽ فينز لاءِ تمام وڏو رليف آهي، اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. شان مسعود چيو ته اسان ميچ ۾ 20 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، اسان ملتان ۾ وڌيڪ ٽيسٽ ميچز ناهن کيڏيا، ملتان ۾ انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ فاسٽ بالرن کي آزمايو، ٻي ٽيسٽ ۾ اسان پلان تبديل ڪيو ۽ اسپنرز کي آزمايو، جڏهن کان مان آيو آهيان اسان رسڪ فري ڪرڪيٽ کيڏي آهي، هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته رزلٽ اچي، ميچ هاريا به آهيون ته رزلٽ لاءِ ڪوشش ڪندا رهياسين. هن چيو ته اها ڪاميابي گهڻي وقت ۽ ڪافي عرصي کانپوءِ ملي آهي. ٽين ٽيسٽ ۾ پِچ بابت پُڇيل سوال جي جواب ۾ ڪپتان چيو ته اڃا پنڊي جي پِچ ناهي ڏٺي، مان اتي به اسپن پِچ ڏسڻ چاهيندس، پنڊي جي ڪنڊيشنز ڏسي بهترين ڪامبينيشن بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ان مطابق کيڏنداسين. سليڪشن ڪميٽي بابت پُڇيل سوال جي جواب ۾ ڪپتان چيو ته جڏهن نئين سليڪشن ڪميٽي آئي ته اسان سڀني جي صرف هڪ ڳڻتي هئي ته ڪهڙيءَ ريت 20 وڪيٽون وٺجن. ان ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ نعمان علي ۽ ساجد خان ڏانهن وڃي ٿو، ايندڙ ڪاميابيءَ لاءِ اسان کي خطرن کي مُنهن ڏيڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون تي تنقيد به ٿيندي آهي پر ڪوشش ڪندو آهيان ته تنقيد کي سائيڊ ۾ رکي سٺي راند کيڏان.











