اينٽورپ-18 آڪٽوبر (اي پي پي) يونان جو مشھور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ اسٽيفانوس ۽ آمريڪا جو ٽينس اسٽار مارڪوس اينڊ ريس گيرون پنھنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يورپين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پھچي ويا آهن جڏھن ته برازيل جو مشھور ٽينس اسٽار ٿيا گو سيبوٿ ۽ فرانس جو ٽينس رانديگر آرٿر رنڊ ر ڪنچ ٻئي رائونڊ ۾ شڪست کان پوءِ …
يورپي يونين اوپن ٽينس مينز سنگلز، اسٽيفانوس ۽ مارڪوس اينڊريس گيرون ڪوارٽر فائنل ۾ داخل
اينٽورپ-18 آڪٽوبر (اي پي پي) يونان جو مشھور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ اسٽيفانوس ۽ آمريڪا جو ٽينس اسٽار مارڪوس اينڊ ريس گيرون پنھنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يورپين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پھچي ويا آهن جڏھن ته برازيل جو مشھور ٽينس اسٽار ٿيا گو سيبوٿ ۽ فرانس جو ٽينس رانديگر آرٿر رنڊ ر ڪنچ ٻئي رائونڊ ۾ شڪست کان پوءِ ايونٽ مان ٻاھر ٿي ويو. بيلجيم ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ ۾ کيڏيل مينز سنگلز مقابلن جي ٻئي رائونڊ ۾ جي 26 ورھين جي سيڪنڊ سيڊڊ يوناني ٽينس اسٽار سٽيفانوس سخت مقابلي کان پوءِ برازيل جي ٽينس رانديگر ٿياگوسيبوٿ 7-6(7-5) ، 4-6 ۽ 7-5 تان هارائي ٽاپ 8 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ٻي رائونڊ جي ھڪ ٻي ميچ ۾ آمريڪا جو ٽينس اسٽار مارڪوس اينڊريس گيرون شاندار راند جو مظاھرو ڪندي فرانس جي ٽينس رانديگر آرٿررنڊر ڪنچ کي ٽائي بريڪ تي 7-6(7-4 )۽7-6(7-4) تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.











