يورپين اوپن ٽينس مينز سنگلز، ايلڪس ڊي مينور ۽ فيلڪس اوجرالياسائم ڪوارٽر فائنل ۾ پھچي ويا

اينٽورپ-17 آڪٽوبر (اي پي پي) آسٽريليا جو مشھور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ ايلڪس ڊي مينور ۽ ڪينيڊا جو ٽينس اسٽار فيلڪس اوجر الياسائم پنھنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يورپين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پھچي ويا آهن جڏھن ته اسپين جو مشھور ٽينس اسٽار رابرٽو ڪاربيليس بينا ٻئي رائونڊ ۾ شڪست کان پوءِ ايونٽ مان ٻاھر ٿي ويو. بيلجيم ۾ جاري …

اينٽورپ-17 آڪٽوبر (اي پي پي) آسٽريليا جو مشھور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ ايلڪس ڊي مينور ۽ ڪينيڊا جو ٽينس اسٽار فيلڪس اوجر الياسائم پنھنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يورپين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پھچي ويا آهن جڏھن ته اسپين جو مشھور ٽينس اسٽار رابرٽو ڪاربيليس بينا ٻئي رائونڊ ۾ شڪست کان پوءِ ايونٽ مان ٻاھر ٿي ويو. بيلجيم ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ ۾ کيڏيل مينز سنگلز مقابلن جي ٻئي رائونڊ ۾ آسٽريليا جي 26 ورھين جي ٽاپ سيڊڊ ٽينس اسٽار ايلڪس ڊي مينور اسپين سان واسطو رکندڙ مخالف ٽينس اسٽار رابر ٽو ڪاربيليس بينا کي 6-2، 4-6 ۽ 2-6 تان ھارائي ٽاپ 8 رائونڊن لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ٻي رائونڊ جي ھڪ ٻي ميچ ۾ ڪينيڊين ٽينس اسٽار فيلڪس اوجر الياسائم شاندار راند جو مظاھرو ڪندي ھنگري جي ٽينس رانديگر مارٽن فوڪسووڪس کي 7-6 (7-4)، 4-6 ۽ 2-6 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو .