ڪامران غلام ڊيبيو ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ٺاهيندڙ 13هون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

ملتان-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامران غلام ڊيبيو ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ٺاهيندڙ 13هون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو. هن اڱاري ڏينهن انگلينڊ خلاف شروع ٿيل ٻئين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 192 بالن تي ڊيبيو سينچري مڪمل ڪئي. ڪامران غلام 118 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪامران غلام کان اڳ عبادالله، جاويد ميانداد، سليم ملڪ، محمد وسيم، علي نقوي، اظهر محمود، يونس خان، توفيق …

ملتان-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامران غلام ڊيبيو ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ٺاهيندڙ 13هون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو. هن اڱاري ڏينهن انگلينڊ خلاف شروع ٿيل ٻئين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 192 بالن تي ڊيبيو سينچري مڪمل ڪئي. ڪامران غلام 118 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪامران غلام کان اڳ عبادالله، جاويد ميانداد، سليم ملڪ، محمد وسيم، علي نقوي، اظهر محمود، يونس خان، توفيق عمر، ياسر حميد، فواد عالم، عابد علي ۽ عمر اڪمل کي ڊيبيو ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ٺاهڻ جو اعزاز حاصل آهي.