اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي لاءِ انتظام مڪمل آهن، قانون لاڳو ڪندڙ سمورا ادارا الرٽ آهن، ڪنهن جي احتجاج جي اعلان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، سازشي ذهنيت رکندڙ گهر ويهي سڪون ڪن، شرپسند عنصرن کي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ کانپوءِ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو پاڻ دورو ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي استقبال لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون ويون آهن. پاڪستان ۾ ايس سي او جو وڏو ايونٽ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن جي ميزباني اسان جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي لاءِ سيڪيورٽي انتظام مڪمل آهن، پاڪستان آرمي، رينجرز، ايف سي ۽ اسلام آباد پوليس سيڪيورٽي جي حوالي سان انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مڪمل الرٽ آهن. هن چيو ته ڪنهن جي احتجاج جي اعلان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اسلام آباد کي مڪمل طور تي محفوظ ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان سلامتي جي صورتحال تي اسان جو مڪمل ڌيان آهي، سازشي ذهنيت رکندڙ گهر ويهي سڪون ڪن، ايس سي او اجلاس انشاءَ الله خوش اسلوبي سان منعقد ٿيندو، شرپسند عنصرن کي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته ايس سي او سربراهه اجلاس شيڊيول موجب منعقد ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تيار آهيون، سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ 12 ملڪن جا وزيراعظم پاڪستان ايندا جن جو ڀرپور استقبال ڪيو ويندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ جڳهه جڳهه شنگهائي تعاون تنظيم جا لوگو هنيا ويا آهن، پاڪستان جي ثقافت ۽ خوبصورتي کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايس سي او اجلاس علائقائي تعاون ۽ ترقي جي لاءِ پڻ اهميت رکي ٿو جنهن ۾ اهم موضوع بحث هيٺ ايندا. هن چيو ته پوري دنيا کي ٻڌائينداسين ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، انشاءَ الله پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو رهندو.