ملتان-11 آڪٽوبر (اي پي پي) انگلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيم پاڪستان کي شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ ھڪ اننگ ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آھي. ھيري بروڪ کي شاندار بيٽنگ تي ميچ جو بھترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان جي ٽيم پھرين اننگ ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق ۽ سلمان علي آغا جي سينچرين عيوض 556 رنسون ٺاھيون ھيون جڏھن …
ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي ھڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان ھارائي ڇڏيو، ھيري بروڪ پليئر آف دي ميچ قرار

مزید خبریں
ملتان-11 آڪٽوبر (اي پي پي) انگلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيم پاڪستان کي شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ ھڪ اننگ ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آھي. ھيري بروڪ کي شاندار بيٽنگ تي ميچ جو بھترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان جي ٽيم پھرين اننگ ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق ۽ سلمان علي آغا جي سينچرين عيوض 556 رنسون ٺاھيون ھيون جڏھن ته جواب ۾ انگلينڊ پنھنجي پھرين اننگز ۾ ھيري بروڪ جي ٽپل سينچري ۽ جوروٽ جي ڊبل سينچري عيوض 7 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي ھئي ۽ ان کي 267 رنسن تي برتري حاصل ٿي ھئي، جنھن جي جواب ۾ پاڪستان جي ٽيم کي ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينھن اننگ جي شڪست کان بچڻ لاءِ 115 رنسون گھربل ھيون. جمعي ڏينهن ٽيسٽ جي پنجين ۽ آخري ڏينھن پاڪستان پنھنجي ٻي اڻپوري اننگ جي شروعات تي 152 رنسون ٺاھيون، 6 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي سلمان علي آغا 41 ۽ عامر جمال 27 زنسن تي وڪيٽ تي موجود ھئا. سلمان علي آغا پنھنجي ففٽي مڪمل ڪئي جڏھن ته ڪجھه دير کانپوءِ پاڪستان جي 7 وڪيٽ 191 رنسن تي ڪري پئي. سلمان علي آغا 63 رنسون ٺاھي جيڪ ليچ جي بال تي ايل بي ڊبليو آٽ ٿيو جنھن بعد عامر جمال به پنھنجي ففٽي مڪمل ڪئي. پاڪستان جي 8 وڪيٽ 214 رنسن تي ڪري جڏھن شاھين آفريدي 10 رنسون ٺاھي جيڪ ليچ جي بال تي آئوٽ ٿيو. نسيم شاهه پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ھو جيڪو 6 رنسون ٺاھي جيڪ ليچ جي بال تي جمي سمٿ ھٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ابرار احمد انفٽ هجڻ سبب بيٽنگ نه ڪري سگھيو. انگلينڊ پاڪستان کي پھرين ٽيسٽ ميچ ۾ ھڪ اننگ ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪئي. انگلينڊ پاران شاندار بالنگ جو مظاھرو ڪندي جيڪ ليچ 4 جڏھن ته برائيڊن ڪارس 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.











