شارجه –11 آڪٽوبر(اي پي پي) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي - ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 12 آڪٽوبر تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. اها ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم شارجه ۾ کيڏي ويندي. آئي سي سي ويمنز ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو نائون ايڊيشن گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا …
آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 12 آڪٽوبر تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو

مزید خبریں
شارجه –11 آڪٽوبر(اي پي پي) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 12 آڪٽوبر تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. اها ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم شارجه ۾ کيڏي ويندي. آئي سي سي ويمنز ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو نائون ايڊيشن گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪنديون. پاڪستاني ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي چوٿين ميچ 14 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي. ميگا ٽورنامينٽ ۾ 20 ميچن کان پوءِ پهرين سيمي فائنل ميچ 17 آڪٽوبر تي ٻي سيمي فائنل ميچ 18 آڪٽوبر جڏهن ته فائنل ميچ 20 آڪٽوبر تي شيڊول آهي. ميگا ايونٽ ۾ شامل 10 ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئين آسٽريليا، نيوزيلينڊ ، ڏکڻ آفريقا ، سريلنڪا ، بنگلاديش ، پاڪستان، ڀارت، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽ لينڊ شامل آهن.











