اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جنوني جٿي جو لاش ڪيرائڻ جو منصوبو ناڪام بڻايو، اسلام آباد پوليس پنهنجي پيشيواراڻا فرض محنت ۽ لگن سان ادا ڪري رهي آهي، اسلام آباد پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ، نفري جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ميرٽ تي ڀرتين، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس آفيسرن جي لاءِ ايگزيڪيوٽو الائونس، …
اسلام آباد پوليس جنوني جٿي جو لاش ڪيرائڻ جو منصوبو ناڪام بڻايو، اسلام آباد پوليس پنهنجي پيشيواراڻا فرض محنت ۽ لگن سان ادا ڪري رهي آهي، اسلام آباد پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ، نفري جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ميرٽ تي ڀرتين، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس آفيسرن جي لاءِ ايگزيڪيوٽو الائونس، قائداعظم ميڊلز ۽ سيف سٽي کي سمارٽ سٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبن کي جلد پڄاڻي تائين پهچايو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جنوني جٿي جو لاش ڪيرائڻ جو منصوبو ناڪام بڻايو، اسلام آباد پوليس پنهنجي پيشيواراڻا فرض محنت ۽ لگن سان ادا ڪري رهي آهي، اسلام آباد پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ، نفري جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ميرٽ تي ڀرتين، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس آفيسرن جي لاءِ ايگزيڪيوٽو الائونس، قائداعظم ميڊلز ۽ سيف سٽي کي سمارٽ سٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبن کي جلد پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس لائينز جي دوري جي موقعي تي شهيدن ۽ غازين جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس لائينز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرووزير محسن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. پوليس لائينز اچڻ تي وزيراعظم کي پوليس جي دستي سلامي ڏني. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا، شهداءِ گيلري جو دورو ڪيو، مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر قلمبند ڪيا. وزيراعظم شهيد عبدالحميد شاهه جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شهيدن ۽ غازين جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شهيد عبدالحميد شاهه فرض جي ادائيگي دوران شهادت ماڻي، سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ سگهه جو مجسم ڏٺو، شهيد امن ۽ لکين پاڪستانين جي حفاظت جي لاءِ فرض جي ادائيگي ۾ جان نڇاور ڪري ٿو، سندس گهرڀاتين جي لاءِ ڏک ناقابل بيان آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ”شهيد کي مردو نه چئو، هو زندهه آهي“ شهيد عبدالحميد شاهه ۽ ماضي ۾ اسلام آباد پوليس ۾ شهادت جو درجو حاصل ڪندڙ سمورن آفيسرن ۽ سپاهين کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ پنهنجي ۽ وفاقي حڪومت پاران توهانجي بهادري ۽ فرض شناسي کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي پوليس اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي جي ڏينهن رات محنت ساراهه جوڳي آهي، اسلام آباد پوليس پنهنجا پيشيواراڻا فرض محنت ۽ لگن سان ادا ڪري رهي آهي، سندن شجاعت ۽ بهادري کي دل جي گهراين سان تحسين پيش ڪريون ٿا، اسلام آباد پوليس ۾ اهلڪارن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي شفاف طريقي سان ڀرتي جو عمل فوري طور مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان ۾ دير نه ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته 2014ع ۾ ڊي چوڪ تي فسادين 7 مهينا فساد برپا ڪري رکيو، ان سان پاڪستان جي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان پهتو، چين جو صدر شي جن پنگ پاڪستان جو بهترين دوست آهي، ان وقت سندس دورو مجبوري ۾ ملتوي ڪرڻو پيو ڇو ته فسادي ڊي چوڪ تان هٽڻ جي لاءِ تيار نه هئا، انهن جي بدترين خواهش هئي ته ان فساد جي نتيجي ۾ لاش ڪرن ۽ پاڪستان ۾ اهو فساد جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي وڃي، ان وقت به اسلام آباد پوليس ۽ رينجرز گڏجي بهترين پيشيواراڻي انداز ۾ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو، ان وقت به فسادين نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ حربا استعمال، انهن قبرون کوٽيون، پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ جو ناپاڪ منصوبو هو، ايس پي عصمت جوڻيجو سميت سوين پوليس آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿيا پر پوليس قومي مقصد کي سامهون رکندي پنهنجو فرض ادا ڪيو. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ ٻيهر پوليس قومي مفاد کي نظر ۾ رکي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، گارگند، جنوني جٿي جو شيوو بڻجي چڪو آهي، 4 ۽ 5 آڪٽوبر تي هڪ صوبي پاران وفاق تي حملي ۽ لشڪرڪشيءَ کي ناڪام بڻايو، اهو غيرآئيني هو، ان وقت ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جي دوري تي هو، هن پاڪستان سان حلال گوشت ۽ چانور جي برآمد سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو اعلان ڪيو، هڪ طرف عوام کي خوشحالي ۽ ترقي جا اهي منصوبا ۽ ٻئي طرف جٿا انهن منصوبن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ وفاق تي چڙهائي ڪري رهيا آهن، اسلام آباد پوليس انهن منصوبن کي خاڪ ۾ ملايو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سدائين پوليس ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پوليس ڪلچر ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، سنڌ صوبي ۽ بلوچستان صوبي ۾ پوليس تي ڪم جاري آهي، خيبرپختونخواهه صوبي کي به وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان پهرين صوبي پنجاب ۾ سيف سٽي ۽ سي ٽي ڊي قائم ڪرڻ سميت ٻيا قدم کنيا، پوليس کي تربيت سميت ٻين شعبن جي لاءِ گهربل مالي وسيلا فراهم ڪنداسين، اسلام آباد پوليس کي رول ماڊل بڻائينداسين، اسلام آباد پوليس جون پگهارون فوري طور تي پنجاب جي برابر ڪيون وينديون، چئني صوبن وانگر اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس آفيسرن کي ايگزيڪيوٽو الائونس ڏنو ويندو، 21 جون 2023ع ۾ پوليس آفيسرن ۽ سپاهين جي علاج جي لاءِ اسپتال قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، گهرو وزير، آءِ جي پوليس اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد ان کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن، پوليس جا 64 آفيسر ۽ سپاهي شهيد ٿيا، انهن مان 20 کي شهداءِ پئڪيج مليو، باقي 44 شهيدن کي شهداءِ پئڪيج ڪجهه ڏينهن ۾ فراهم ڪيو وڃي، سيف سٽي کي سمارٽ سٽي بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي انهن منصوبن ۽ اعلانن تي محسن اسپيڊ سان عملدرآمد ڪرائي، 2022ع ۾ اسان جي حڪومت پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، هاڻي ٻيهر قائداعظم پوليس ميڊل ۽ صدارتي پوليس ميڊل جلد ڏنا ويندا، اهي اعلان ڪنهن ذاتي ۽ سياسي مقصدن جي لاءِ نه آهن، اهو رڳو خدمت جو جذبو آهي، 1997ع کان مختلف دورن ۾ پنجاب صوبي ۾ خدمت ڪئي، اسلام آباد پوليس بنيادي مسئلا حل ڪري ۽ پيشيواريت، جديد هٿيارن، تربيت ۽ ٻارن جي علاج جي لاءِ خاطرخواهه قدم کڻنداسين.












