دبئي -10 آڪٽوبر(اي پي پي) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏي ويندي. اها ميگا ايونٽ جي 14 هين ميچ هوندي، اها ميچ دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم دبئي ۾ کيڏي ويندي. آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو نائون ايڊيشن گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪنديون.