شارجه – 09 آڪٽوبر(اي پي پي) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 10 آڪٽوبر تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. اها ميگا ايونٽ جي 13هين ميچ هوندي جنهن ۾ بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم شارجه ۾ کيڏي ويندي. آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو نائون ايڊيشن گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنديون.پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٽئين ميچ 11 آڪٽوبر تي دفاعي چيمپئين آسٽريليا خلاف کيڏندي.