ملتان- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف ملتان ٽيسٽ ۾ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 556 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، سلمان علي آغا شاندار سينچري اسڪور ڪئي، انگلش ٽيم ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي پهرين اننگز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 96 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته ميزبان ٽيم کي برتري ختم ڪرڻ لاءِ 460 رنسون گهربل آهن. اڱاري ڏينهن ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور 328 رنسن 4 رانديگر آئوٽ تي اننگز جي ٻيهر شروعات ڪئي، نسيم شاهه ۽ سعود شڪيل وڪيٽ تي موجود هئا. ٻئي ڏينهن پهرين سيشن ۾ 2 وڪيٽون ڪِريون، مڊل آرڊر بيٽسمين سعود شڪيل ۽ نسيم شاهه راند جي شروعات ڪئي ته نسيم شاهه 388 جي اسڪور تي 33 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. جڏهن ته ان کان پوءِ ايندڙ بيٽسمين محمد رضوان بنا ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان دوران سعود شڪيل پنهنجي ڪيريئر جي ستين اڌ سينچري اسڪور ڪئي. قومي ٽيم جي ستين وڪيٽ 450 جي مجموعي اسڪور تي سعود شڪيل جي ڪِري، جيڪو 177 بالن تي 82 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ان موقعي تي سلمان علي آغا ذميداري سان بيٽنگ جو سلسلو جاري رکندي نه صرف سينچري اسڪور ڪئي پر پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جون هڪ هزار رنسون به مڪمل ڪيون، هن 15هين ٽيسٽ جي 28هين اننگز ۾ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪيون آهن. ٻين رانديگرن ۾ عامر جمال 7 رنسون، شاهين آفريدي 25 رنسون ۽ پوءِ ابرار احمد 3 رنسون بڻائي پويلين ڏانهن موٽيا، سلمان علي آغا 104 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. انگلينڊ طرفان پهرين اننگز ۾ جيڪ ليچ 3، گس ايٽڪنسن ۽ برائڊن ڪارس 2-2، شعيب بشير، جوئي روٽ ۽ ڪرس ووڪس ترتيبوار هڪ هڪ رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان جي 556 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻيءَ تي پنهنجي پهرين اننگز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 96 رنسون بڻائي ورتيون. انگلش بيٽر جوروٽ 32 ۽ زيڪ ڪرولي 64 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. پاڪستان طرفان واحد وڪيٽ نسيم شاهه انگلينڊ ڪپتان اولي پوپ جي حاصل ڪئي. اولي پوپ ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿيو. انگلينڊ کي پاڪستان جي پهرين اننگز جي سرسري ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 460 رنسون گهربل آهن.