ڪراچي-07 آڪٽوبر(اي پي پي)سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به 7 آڪٽوبر سومر ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ بلڊنگ ۾ فلسطينين سان ايڪتا جو ڏھاڙو ملھايو ويو، جنھن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ، ايم پي ايز، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن محمد حسين محنتي، اسداللہ ڀٽو سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاہه چيو تہ گڏيل قومون فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي ظلم جو نوٽيس وٺن ۽ تڪڙي جنگ بندي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ اسيمبلي فلسطيني عوام سان مڪمل ايڪتا جو اظھار ڪري ٿي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو ته اسرائيل ھڪ سال کان غزہ تي بمباري ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رھيو آھي، 42 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي شھيد ڪري چڪو آھي ۽ ھاڻي وري لبنان تي ڪاھ ڪئي اٿس. دنيا جنگ جي ڌٻڻ ۾ وڃي رھي آھي. عالمي امن قائم ڪرائڻ واري اداري اقوام متحدہ کي ان صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي خاموشي افسوسناڪ آهي. ان ظلم تي عالمي ضمير کي بہ سڄاڳ ٿيڻ گھرجي. ھن چيو تہ فلسطين جو مسئلو صرف ھڪ ملڪ يا پارٽي جو نہ پوري امت جو مسئلو آھي.اھو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ سڀئي پارٽيون پنھنجا ويڇا وساري اسرائيلي ظلم خلاف ۽ مظلوم فسطينين سان ايڪتا لاءِ ھڪ پيج تي آھن. فلسطينين جي جدوجهد ضرور رنگ لائيندي. ايم پي اي محمد فاروق چيو تہ فلسطين ۾ جاري ظلم انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي آھي اقوام متحدہ توڙي عالمي ضمير جو ان حوالي سان ڪردار انتھائي مايوس ڪندڙ آھي.