وزيراعظم پاران غزه ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ رتوڇاڻ جو فوري خاتمو اولين ترجيح قرار، معصوم فلسطينين جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ تي عالمي ضمير جاڳڻ گهرجي، پاڪستان جي حڪومت عالمي سطح تي اسرائيلي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ فلسطين جي مسئلي جي حل جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ماهرن تي ٻڌل ورڪنگ گروپ جوڙيندي، پاڪستان فلسطيني عوام کي انساني همدرديءَ امداد جي فراهمي ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندو ۽ فلسطيني شاگردن کي پاڪستان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا ڏني ويندي: محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ رتوڇاڻ جي فوري خاتمي کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته معصوم فلسطينين جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ تي عالمي ضمير جاڳڻ گهرجي، پاڪستان جي حڪومت عالمي سطح تي اسرائيلي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ فلسطين جي مسئلي جي حل جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ماهرن تي ٻڌل …

اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ رتوڇاڻ جي فوري خاتمي کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته معصوم فلسطينين جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ تي عالمي ضمير جاڳڻ گهرجي، پاڪستان جي حڪومت عالمي سطح تي اسرائيلي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ فلسطين جي مسئلي جي حل جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ماهرن تي ٻڌل ورڪنگ گروپ جوڙيندي، پاڪستان فلسطيني عوام کي انساني همدرديءَ امداد جي فراهمي ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندو ۽ فلسطيني شاگردن کي پاڪستان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ فلسطين سان يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته صدر پاران هن ڪانفرنس ۾ شرڪت تي سمورن اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان، پوري پاڪستان مان سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن جو اجتماع ان ڳالهه جي گواهي آهي ته جڏهن به پاڪستان کي ڪو به چئلينج درپيش ٿيو، ڀلي اهو اندروني يا ٻاهريون چئلينج هجي، پوري سياسي ۽ مذهبي قيادت گڏ ٿي ۽ هڪ زبان ٿي نه رڳو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو پر ٺوس تجويزون پيش ڪيون ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته هن ڪانفرنس ۾ گڏيل ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو ويو، مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين پنهنجو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، اها گڏيل سوچ ۽ فڪر اسان سڀني جي لاءِ حوصلي جوڳو آهي، ڪانفرنس ۾ عالمي دنيا جي ڪردار جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اسلامي دنيا کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ عملي قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته قرارداد پاڪستان ۽ قائداعظم جي فڪر جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اسان کي فلسطين جي آزادي جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته القدس الشريف جي گادي وارو شهر رکندڙ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حوالي سان ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ۾ اتفاق راءِ ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم فلسطينين تي بدترين ظلم ۽ رتوڇاڻ جي مذمت ڪري ٿي، فلسطيني ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، شهر برباد ٿي ويا، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به صورتحال وڌيڪ مختلف نه آهي، واديءَ ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جو رت وهايو پيو وڃي، واديءَ ڪشمير ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي. هن چيو ته سوڊان جي ورڇ، اوڀر تيمور جا معاملا طئي ڪرڻ جي لاءِ عالمي طاقتن سمورا حربا استعمال ڪيا، ڇا مسلمانن جو رت انهن جي رت کان سستو آهي. هن چيو ته اڄ عالمي ضمير کي جاڳڻ گهرجي، 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، يتيم ٻار پنهنجي والدين جي قتل تي ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهن، دنيا آڏو دل ڏکوئيندڙ واقعا ميڊيا آڏو آڻي رهي آهي، ان رتوڇاڻ کي بند ڪرڻ جي لاءِ اسان کي سموريون قوتون گڏ ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته دنيا کي ان معاملي تي قائل ڪرڻ جي لاءِ ڪانفرنس ۾ جيڪي تجويزون پيش ڪيون ويون آهن انهن سان متفق آهيان، فلسطينين جي رتوڇاڻ بند ڪرائڻ اسان جو اولين فرض آهي ۽ ان جي لاءِ اسان کي او آءِ سي جي پليٽ فارم تان آواز اٿارڻو پوندو، ان ڪانفرنس ۾ اسرائيلي ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪرائينداسين ۽ ورڪنگ گروپ جوڙينداسين جيڪو ماهرن تي ٻڌل هوندو ۽ ان کي دنيا جي اهم ملڪن ۾ موڪليو ويندو جيڪو نه رڳو پاڪستان پر اسلامي دنيا جي مسلمانن جو ڀرپور پيغام پهچائيندو ۽ دنيا کي آگاهه ڪندو ته هي ظلم ۽ زيادتي ڪڏهن به وساري نه ويندي ۽ زخم ڪڏهن نه ڀرجندا، ان حوالي سان فوري قدم کڻنداسين، آستانه جي دوري دوران فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جو موقف اجاگر ڪيو هو، گڏيل قومن ۾ به ان معاملي تي اسلامي دنيا خاص طور تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. هن چيو ته سڀ کان پهرين جنگبندي وقت جي اهم ترين ضرورت آهي ان جي لاءِ اسان کي ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت هر عالمي فورم تي اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اسان کي بطور پاڪستاني ۽ مسلمان جرئت سان فيصلا ڪرڻ گهرجن، گڏيل قومن ۾ مسلمانن خاص طور تي پاڪستانين جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ ان موقعي تي آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ پڻ ڪاميابي ملي. هن چيو ته اسان کي مسلمانن ۽ مظلوم قومن جو موقف پوري جوش، قوت، اتحاد ۽ اتفاق سان بيان ڪرڻو آهي، اسان کي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪرڻو آهي، اسان جو آواز دنيا ۾ ان وقت ٻڌو ويندو جڏهن اسان پاڻ کي گڏجي قوم بڻائينداسين. هن چيو ته فلسطينين کي امدادي سامان جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين، فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ٿي، هن فلسطينين جي لاءِ ڀرپور آواز اٿارڻ تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا، اسان کي عملي ميدان ۾ فلسطينين جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، يتيم ٿيندڙ فلسطيني ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ خاص طور تي ميڊيڪل جي تعليم جو انتظام ڪيو آهي، سوين شاگرد هتي ايندا، پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انهن جي داخلا جو انتظام ڪيو ويندو، اها بهترين تجويز آهي. هن چيو ته هن ڪانفرنس ۾ ڀرپور قومي يڪجهتي جو ثبوت ڏنو ويو، ڪانفرنس جي فيصلن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويندو، دعا آهي ته الله تعاليٰ فسلطين ۾ رتوڇاڻ بند ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد فرمائي ۽ فلسطين کي آزادي عطا فرمائي.