اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جي مارجڻ تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ڪالهه پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي ڏکويل خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ڏُک جي گهڙيءَ ۾ چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون …
گهرو وفاقي وزير پاران ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت، چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جي مارجڻ تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ڪالهه پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي ڏکويل خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ڏُک جي گهڙيءَ ۾ چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ان افسوسناڪ واقعي جا ذميوار قانون جي پڪڙ کان نٿا بچي سگهن. بزدل دشمن پاڪ- چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.












