شارجه-07 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 8 آڪٽوبر تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. اها ميگا ايونٽ جي ڏهين ميچ هوندي جنهن ۾ دفاعي چيمپئين آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون اها ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، شارجه ۾ کيڏي ويند.ي. آئي سي سي ويمنز ٽي - …
آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون 8 آڪٽوبر تي آمهون سامهون ٿينديون

مزید خبریں
شارجه-07 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 8 آڪٽوبر تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. اها ميگا ايونٽ جي ڏهين ميچ هوندي جنهن ۾ دفاعي چيمپئين آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون اها ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، شارجه ۾ کيڏي ويند.ي. آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو نائون ايڊيشن گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي . جنهن ۾ مداحن کي سخت ۽ دلچسپ مقابلاڏسڻ لاءِ ملي رهياآهن ميگا ايونٽ ۾ 10 عورتاڻيون ٽيمون ٽائٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن . آسٽريلوي ويمن ٽيم ٽائيٽل جي دفاع لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پاڪستان جي ٽيم پنهنجي ٽئين ميچ 11 آڪٽوبر تي دفاعي چيمپئين آسٽريليا خلاف کيڏندي . ميگا ٽورنامينٽ ۾ 20 ميچن کان پوءِ سيمي فائنل ميچ 17 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي سيمي فائنل ميچ 18 آڪٽوبر جڏهن ته فائنل ميچ 20 آڪٽوبر تي شيڊول آهي. ميگا ايونٽ ۾ شامل 10 ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئين آسٽريليا ، نيوزيلينڊ ، ڏکڻ آفريقا ، سريلنڪا ، بنگلاديش پاڪستان ، ڀارت ، انگلينڊ ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽ لينڊ شامل آهن.











