اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سي پيڪ شروع ٿيڻ تي به ڌرڻو هنيو هو ۽ جڏهن اقتدار ۾ آئي ته سي پيڪ کي سلو ڊائون ڪري ڇڏيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، علي امين گنڊاپور کي مشورو آهي ته هو پشاور وڃي ۽ عوام جي بهتري لاءِ قدم کڻي، احتجاج ٿيندا رهندا آهن ان سان ڪو فرق نه پوندو، اصل معاملو معيشت کي فروغ ڏيڻ آهي جنهن تي اسان جو ڌيان آهي، پاڪستان کي هڪ عظيم رياست بڻائينداسين، شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس پاڪستان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهڙن موقعن تي احتجاج منفي پيغام آهي، اسان کي پاڪستان جو مثبت تشخص دنيا کي ڏيکارڻو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي تمام گهڻيُون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ اهو سفر جاري آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جو پاڪستان جو دورو ڪامياب رهيو آهي، ملائيشيا سان پاڪستان جا ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جي دوري دوران واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان معاملن کي اڳتي وڌايو جيڪو پاڪستان جي لاءِ خوش آئنده آهي، ان سان نه رڳو پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر پاڪستان جي واپاري خساري ۾ واضح گهٽتائي ٿيندي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٿيندي جنهن سان ڪاروباري طبقو فائدو کڻندو. هن چيو ته اهڙا دورا پاڪستان جي معيشت جي لاءِ سٺو پيغام آهن. ٻاهرئين ملڪن مان اعليٰ سطحي وفدن جي پاڪستان اچڻ معاشي انگن اکرن جي بهتري جي نويد آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ بئنڪ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي. ملائيشيا جي وزيراعظم جو دورو ڪاميابي سان پُڄاڻي تي پهتو. ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان مان حلال گوشت ۽ چانور جي برآمدات وڌائڻ، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي شعبي ۾ معاملن کي فروغ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ شروعاتي طور تي هڪ لک ٽن چانور ۽ 200 ملين ڊالر جو حلال گوشت پاڪستان مان درآمد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪن مان وفدن جو پاڪستان اچڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ واپار کي فروغ ڏيڻ جو اعلان خوش آئنده آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي عرب مان هڪ اعليٰ سطحي وفد جو پاڪستان جو دورو متوقع آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 12 ملڪن جي حڪومتن جا سربراهه پاڪستان ايندا، ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي جنهن جي لاءِ ڀرپور انتظام ڪيا پيا وڃن، اسلام آباد کي سجايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري، واپار ۽ سياحت جي لاءِ هڪ نئون مقام بڻجي چڪو آهي، ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ وفدن کي پاڪستان جي سافٽ ۽ مثبت تشخص کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪن جي وفدن جو پاڪستان اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته پرڏيهي پاليسين جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته ملائيشيا سان معاملا تمام سٺي طريقي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيملي جو اجلاس هجي يا اعليٰ سطحي وفدن جا دورا هجن، پاڪستان بابت هر ملڪ مثبت ڳالهه ڪري رهيو آهي. ترڪيه جي صدر نيويارڪ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران چيو هو ته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو، هو فلسطين جي معصوم ۽ مظلوم مسلمانن جو زوردار آواز بڻيو جنهن کي پوري دنيا ساراهي رهي آهي. اسان جي سياسي مخالفن به سوشل ميڊيا تي وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب کي ساراهيو. فلسطين جي صدر پڻ ان کي ساراهيو ۽ اسٽيٽ آف فلسطين سوشل ميڊيا تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تقرير کي لڳايو جنهن تي سڀ کان وڌيڪ ويوز آيا. هن چيو ته الجزيره اخبار جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ گڏيل قومن جي آفيشل يوٽيوب چينل تي پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تقرير سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ تقرير آهي. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ برهان واني جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ دنيا کي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سان نقصان ٿي رهيو آهي. پاڪستان جو ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ حصو رڳو هڪ سيڪڙو آهي ۽ جڏهن ٻوڏ اچي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو. وفاقي وزير چيو ته دنيا جي ملڪن جي ذميواري آهي ته اهي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين ۽ ڪشمير ڪاز تي جيڪا ڳالهه ڪئي اهو هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم سان پڻ ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن تي ڳالهه ٿي جنهن تي ملائيشيا جي وزيراعظم واضح چيو ته ڪشمير جي معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. معيشت بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آءِ ايم ايف پروگرام فائنل ٿيو، آءِ ايم ايف پروگرام جي اعلان سان اسان جي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿي، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ اسان جي معاشي ترقي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ٿي رهي آهي، ماڻهن جو وڏو انگ ايف بي آر سان رجسٽرڊ ئي نه هو جنهن ۾ هاڻي ٻيڻو اضافو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ٽيڪس فائيلرز جو انگ وڌڻ سان معيشت تي مثبت اثر پوندا. وفاقي وزير چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج روزانو هڪ نئون رڪارڊ ٺاهي رهي آهي، بلومبرگ پڻ چيو آهي ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج جو شمار ايشيا ۾ اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته مهانگائي گذريل سال 32 سيڪڙو تي هئي جيڪا گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن، ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ به گهٽتائي ٿي رهي آهي. اٽو بنيادي ضرورت آهي، اٽو گذريل سال 160 رپيا ڪلو هو جيڪو گهٽ ٿي 80 رپيا في ڪلو تي اچي ويو آهي. هن چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو، اسان جي روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، واپاري خسارو گهٽ ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سوچ واضح آهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت تي ان جو ڌيان آهي، هو چاهي ٿو ته عوام کي هڪ اهڙي فلاحي رياست ڏني وڃي جتي انهن جون زندگيون آسان هجن. عوام جي زندگين کي آسان بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عالمي اخبارُون ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيُون آهن ته پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پڻ وزيراعظم شهباز شريف کي ساراهيو ۽ چيو ته شهباز شريف باصلاحيت ۽ ڪم ڪندڙ شخص آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي محنت جو نتيجو سامهون اچي رهيو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ روزانو نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي، مهانگائي گهٽ ٿي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر عوام کي منتقل ڪرڻ صوبائي حڪومتن جي به ذميواري آهي، ان حوالي سان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، هن پنجاب ۾ ٽرانسپورٽ ڪرايا گهٽ ڪرايا، پنجاب ۾ پرائس ڪنٽرول مڪينزم تمام بهتر آهي، ٻين صوبن کي به گهرجي ته اهي عوام جي سهولت لاءِ پرائس ڪنٽرول ڪميٽيون ٺاهين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير جيڪڏهن پنهنجي ٻين معاملن مان واندو ٿي وڃي ته هو پنهنجي صوبي جا معاملا ٺيڪ ڪري، خيبرپختونخواهه جي عوام کي سهولتون ڏي، قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ واريُون ڪميٽيون ٺاهي، ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪري، مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر پنهنجي صوبي جي عوام کي منتقل ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي هو، اهڙن موقعن تي احتجاج سان منفي پيغام وڃي ٿو. پي ٽي آءِ جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي ته هن سي پيڪ کي دير جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سي پيڪ شروع ٿيڻ تي ڌرڻو هنيو ۽ جڏهن اقتدار ۾ آئي ته سي پيڪ جي ڪم کي سُست ڪري ڇڏيو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ پوري دنيا کي ناراض ڪيو. هن چيو ته اسان جي خصوصيت آهي ته اسان مهمان نواز آهيون ۽ ٻاهرئين ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن جي دوري جي موقعي تي احتجاج ڪرڻ سان منفي تاثر وڃي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس هڪ وڏو ايونٽ آهي، ڪافي عرصي کانپوءِ اهڙو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ٻاهرئين ملڪن جي وفدن کي پاڪستان جي خوبصورتي کان آگاهه ڪريون. ملائيشيا جي وزيراعظم پڻ چيو ته اسڪردو ايندڙ سندس مُلڪ جي شهرين جي انگ ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ بهتر ٿي رهي آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي، پوري دنيا پاڪستان جي معاشي ترقي جو اعتراف ڪري رهي آهي. هن چيو ته مهمانن کي پاڪستان جي اندر ڀليڪار ڪرڻ ۽ سٺو پاڪستان ڏيکارڻ اسان جي ذميواري آهي، اسان ان کي پورو ڪنداسين. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن جي دورن جي موقعي تي احتجاج مناسب نه آهي، مُخالف ڌُر پارليامينٽ جي فلور تي احتجاج ڪري، رستن تي احتجاج سان منفي تاثر ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور کي مشورو آهي ته هو پشاور وڃي ۽ عوام جي بهتري لاءِ قدم کڻي، اٽو سستو ڪري، کاڌي پيتي جون شيون چيڪ ڪري، احتجاج ٿيندا رهن ٿا، ان سان ڪو فرق نه پوندو، اصل معاملو معيشت کي فروغ ڏيڻ آهي جنهن تي اسان جو ڌيان آهي، پاڪستان کي هڪ عظيم رياست بڻائينداسين.