ملتان-03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ کيڏجندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن لاءِ پچ جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ موجود 11 پچز مان وچ واري پچ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جتي اهي ميچون کيڏيون وينديون. خميس ڏينهن ٽريننگ ۽ پريڪٽس دوران پچز تي ڪم ٿيندو رهيو ۽ ان تي ڳرا رولر ڦيرايا ويا، پري کان اهي پچز سبز ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن تنهن هوندي به هاڻي تائين ڪنهن رانديگر يا ٽيم جي انتظاميه جي پچز جي ويجهو وڃڻ ناهي ڏنو ويو. ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب پچز تان گاهه کي مڪمل طور تي ختم نه ڪيو ويندو ته جيئن اها پيس اٽيڪ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي.