ميڊرڊ – 3 آڪٽوبر (اي پي پي ) اسپين فٽ بال ليگ لاليگا ۾ 5 آڪٽوبر تي وڌيڪ 5ميچون کيڏيون وينديون. لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي . پهرين ميچ ليڪينس ۽ ويلنسيا جي ٽيمن وچ ۾ بٽارڪ ليڪينس ، ميڊرڊ ۾ کيڏي ويندي . ٻي ميچ ۾ سپينيوئل ۽ ميورڪا جي ٽيمن وچ ۾ شيڊولڊ آهي جيڪا اسٽيج فرنٽ اسٽيڊيم، بارسلونا ۾ کيڏي ويندي . ٽئين ميچ ۾ گيٽافي ۽ اوسا سونا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ ڪوليزيم، گرٽا في ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ لاس پالماس ۽ سيلٽا ويگوجي ٽيمن وچ ۾ گران ڪينزيا اسٽيڊيم، لاس پالماس ڊي گران ڪينريا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 5 آڪٽوبر تي پنجين ۽ آخري ميچ ريال ويلا ڊولڊ ۽ يوويليڪا نو جي ٽيمن وچ ۾ جوس زوريلا، ويلاڊولڊ ۾ کيڏي ويندي.