ملتان-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيسٽ سيريز جي سلسلي ۾ اربع ڏينهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم پريڪٽس سيشن ۾ حصو ورتو. بابر اعظم سميت ٻين رانديگرن ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪئي.3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٻن ميچن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون ملتان پهچي چڪيون آهن. پريڪٽس سيشن ۾ رانديگرن بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪئي. پاڪستاني ٽيم پريڪٽس سيشن هيڊڪوچ حبيسن گلسپي جي نگراني ۾ ڪئي، بابر اعظم به گرائونڊ ۾ چڪر لڳائيندي ۽ بيٽنگ جي ڀرپور پريڪٽس ڪندي نظر آيو، انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻه ڏينهن آرام کانپوءِ چار آڪٽوبر تي پريڪٽس شروع ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 7 آڪٽوبر تي ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندو.