ملتان-02 آڪٽوبر (اي پي پي) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستاني ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ ملتان پهچي وئي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ 07 آڪٽوبر کان ملتان ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ملتان پهتي آهي. انگلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس جي اڳواڻي ۾ ملتان انٽرنيشنل ايئر پورٽ پهتي ته پرڏيهي مهمان ٽيم کي سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل پهچايو ويو جتي ٽيم جي شاندار آجيان ڪئي وئي. ٻن ڏينهن جي آرام کبعد انگلينڊ جي ٽيم 04 آڪٽوبر تي پريڪٽس شروع ڪندي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 07 آڪٽوبر ۽ ٻي ميچ 15 آڪٽوبر ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ٽيسٽ ميچ 24 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.