شارجه – 01 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ ويمنز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي نائين ايڊيشن جي باضابط شروعات 3 آڪٽوبر کان گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندي. ميگا ايونٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنديون. آسٽريلوي ويمن ٽيم ٽائٽل جي دفاع لاءِ ڪوشش ڪندي. پاڪستان ۽ ڀارت جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ ميچ 6 آڪٽوبر تي دبئي ۾ کيڏي ويندي. ويمنز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ 2024ع جي افتتاحي ڏينهن 2 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ شارجه ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ان هنڌ تي کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ ۾ 20 ميچن بعد پهرين سيمي فائنل ميچ 17 آڪٽوبر تي جڏهن ته ٻي سيمي فائنل ميچ 18 آڪٽوبر تي جڏهن ته فائنل ميچ 20 آڪٽوبر تي شيڊول ٿيل آهي.