ملتان – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جون ٽڪيٽون پاڪستاني وقت مطابق اڄ شام 5 وڳي کان آن لائين وڪرو ٿينديون، جڏهن ته ڪرڪيٽ جا شوقين 4 آڪٽوبر جي صبح 9 وڳي کانپوءِ مختلف آئوٽ ليٽس تان به ٽڪيٽ خريد ڪري سگهن ٿا. ميچ جي هنڌن تي باڪس آفيسز ٽيسٽ ميچن کان هڪ ڏينهن اڳ قائم ڪيا ويندا. ملتان ۾ ٻنهي ٽيسٽ ميچن جي پهرين ڏينهن جنرل انڪليوزر ۾ داخلا مفت هوندي جڏهن ته راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پريميئم انڪليوزر ۾ به داخلا مفت هوندي. پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 2،3 ۽ 4 آڪٽوبر تائين جنرل انڪليوزر جي ٽڪيٽن جي قيمت 50 روپيا هوندي جڏهن ته شوقين حنيف محمد ۽ مشتاق احمد انڪليوزر جي ٽڪيٽ 5 ۽ آخري ڏينهن 100 روپين ۾ خريد ڪري سگهن ٿا. وي آءِ پي انڪليوزر ۽ پي سي بي گيلري جي ٽڪيٽ پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين چئن ڏينهن ۾ ترتيبوار 300 سئو روپيا ۽ 2 هزار روپين ۾ دستياب هوندي.