لنڊن-30 سيٽمبر (اي پي پي) انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ ٽونٽهم هاٽ پور جي ٽيم مانچيسٽر يونائيٽڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي. اها ٽونٽهم هاٽ پور جي ليگ ۾ ٽئين فتح آهي. برينن جانسن، ڊيجان ڪلوسيوسڪي ۽ ڊومينڪ سولانڪي هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم ٽونٽهم هاٽ پور جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پريميئر ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن. ٽونٽهم هاٽ پور جي ٽيم 10 پوائنٽس سان ٽيبل تي اڍين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.