دبئي -30 سيپٽمبر (اي پي پي ) آءِ سي سي ويمنز ٽي- 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ آخري 03 وارم اپ ميچون اڱاري تي کيڏيون وينديون. ميگا ايونٽ کان اڳ هر ٽيم کي 2 – 2 وارم اپ ميچون کيڏڻيون هيون. ميگا ايونٽ جي باضابطه شروعات کان اڳ 10 وارم اپ ميچون کيڏڻيون هيون جنهن جون آخري 03 وارم اپ ميچون اڄ کيڏيون وينديون. پهرين ميچ ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ساڳئي ڏينهن ٻي وارم اپ ميچ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي وومين ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي وومين ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ کيڏي ويندي. انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي ) جي اهتمام هيٺ ويمنز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ 3 کان 20 آڪٽوبر تائين يو اي اي ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ 10 ٽيمون ٽائٽل لاءِ مقبلو ڪنديون. تيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ٽيم پنهنجي گروپ جي ٽيمن سان هڪ هڪ ميچ کيڏندي جڏهن ته ٻنهي گروپن جي پهرئين سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ سمورا ناڪ آئوٽ مقابلا ۽ سيمي فائنل مقابلا شارجه ۽ دبئي ۾ کيڏيا ويندا .