جيميڪا-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪيريبين پريمئير ليگ ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن م ٽرنبا گونائٽ رائيڊرز ۽ بارباڊوس رائلز جون ٽيمون برائن لارا اسٽيڊيم،تاروبا، ٽرينيڊاڊ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. سي پي ايل جو ٻارهون ايڊيشن ويسٽ انڊيز ۾ جاري آهي. جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ ڪرڪيٽ جي مختلف ملڪن جي مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا ۽ پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ليگ جي 28 هين ميچ ۾ 28 سيپٽمبر تي کيڏجندڙ واحد ميچ ۾ ٽرنبا گونائٽ رائيڊرز ۽ بارباڊوس رائلز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ليگ ۾ 6 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ آمهون سامهون ٿينديون جنهن ۾ دفائي چيمپئين گيانا ايميزون واريئرز، انٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرياٽس، بارباڊوس رائلز، سينٽ لوشيا ڪنگز ۽ ٽرنبا گو نائٽ رائيڊرز شامل آهن . ليگ ۾ فائنل سميت 34 ميچون کيڏيون وينديون. ڪيريبين پريمئير ليگ جي شروعات 2013ع ۾ ٿي هئي.