ڪانپور-26 سيپٽمبر (اي پي پي ) ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 27 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين گرين پارڪ،ڪانپور ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي بنگلاديش جي ٽيم خلاف سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 280 رنسن تان هارايو هيو. بنگلاديش جي ٽيم هن وقت ڀارت ۾ آهي جتي اها پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ميچن کانسواءِ 03 ٽي – 20 عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ اڄ جمعي کان گرين پارڪ ، ڪانپور ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديش جي ٽيم جي قيادت نجم الحسن شانٽو جڏهن ته ميزبان ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي روهت شرما ڪري رهيو آهي.