بيجنگ _ 26 آڪٽوبر (اي پي پي ) جاپان جي مشهور ٽينس اسٽار نائومي اوساڪا ۽ چين جي ٽينس اسٽار شوائي زينگ چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ جاري چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن. 26 سالن جي جاپان جي رانديگر نائومي اوساڪا عورتاڻي سنگلز جي شروعاتي رائونڊ ۾ اٽلي جي لوسيا برنزيٽي کي شڪست ڏني جڏهن ته چين جي شوائي زينگ آمريڪي مخالف رانديگرياڻي کي شڪست ڏني . چان جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ جاري چائنا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ جاپاني رانديگر نائومياوساڪا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اٽلي جي لوسيابرونزيٽي کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3 ۽ 6-2 تان شڪست ڏئي نه رڳو ايونٽ جي فاتحاڻي شروعات ڪئي پر ٻئي رائونڊ لاءِ پڻ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.