اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي اسجد اقبال آءِ بي ايس ايف ورلڊ 6 ريڊ سنوڪر چيمپئن شپ ۾ چانديءَ جو ميڊل حاصل ڪري ورتو. اربع ڏينهن پاڪستان بليئرڊ اينڊ سنوڪر ايسوسي ايشن طرفان جاري ڪيل بيان مطابق منگوليا جي شهر اولانبتار ۾ کيڏيل ايونٽ جي فائنل ۾ ڀارت جي ڪمال چاوله پاڪستان جي اسجد اقبال کي 2-6 کان هارائي ڇڏيو. ان جي کٽڻ جو اسڪور 47-13، 47-18، 0-(71)71، 07-41، 0-(40)64، 0-43، 20-33، 29-33 رهيو. واضح رهي ته پاڪستان جي اسجد اقبال آءِ بي ايس ايف ورلڊ 6 ريڊ سنوڪر چيمپئن شپ ۾ چانديءَ جو ميڊل ۽ منگوليا سنوڪر ورلڊ ڪپ ۾ ٽامي جو ميڊل حاصل ڪيو.