اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، ڀوٽان ۾ جاري ساف انڊر 17 فٽبال چيمپئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. آخري گروپ ميچ ۾ پاڪستان، سريلنڪا کي 5-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان سبحان ڪريم 2 گول ڪيا، طلحه ۽ عبدالغني هڪ، هڪ گول ڪيو. سريلنڪا جو هڪ گول رهيو. هاف ٽائيم تي پاڪستان کي 0-3 جي برتري حاصل هئي. سريلنڪن ٽيم 76 هين منٽ ۾ راند جو واحد گول ڪيو.