ڪانپور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 27 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين گرين پارڪ- ڪانپور ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي مهمان بنگلاديش ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي سرسري حاصل آهي، ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش ٽيم کي 280 رنسن تان شڪست ڏني هئي، بنگلاديش جي ٽيم اڄڪلهه ڀارت جي دوري تي …
ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 27 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
ڪانپور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 27 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين گرين پارڪ- ڪانپور ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي مهمان بنگلاديش ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي سرسري حاصل آهي، ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش ٽيم کي 280 رنسن تان شڪست ڏني هئي، بنگلاديش جي ٽيم اڄڪلهه ڀارت جي دوري تي آهي جتي ميزبان ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن سميت ٽن ٽي – ٽونٽي ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي۽ آخري ٽيسٽ ميچ 27 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين گرين پارڪ، ڪانپور ۾ کيڏي ويندي. جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي – 20 ميچن جي سيريز جي شروعات 6 آڪٽوبر کان ٿيندي.











