اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان آءِ سي سي جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ 2025ع جي تيارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جي سيڪيورٽي انتظامن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ سي سي جي وفد ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ …
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان آءِ سي سي جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان آءِ سي سي جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ 2025ع جي تيارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جي سيڪيورٽي انتظامن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ سي سي جي وفد ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ چيمپئنز ٽرافي لاءِ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. محسن نقوي آءِ سي سي وفد کي آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي لاءِ عالمي معيار جي انتظامن جي مڪمل خاطري ڪرائي. پي سي بي چيئرمين چيو ته اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن جو ڪم چيمپئنز ٽرافي کان اڳ هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سمورين ٽيمن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويندا. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جو پاڪستان ۾ ٿيڻ هڪ اعزاز آهي. جيترو ٽورنامينٽ وڏو آهي ان موجب انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون. سمورين ٽيمن جا رانديگر پرامن ۽ محفوظ ماحول ۾ ڪرڪيٽ جي راند کي انجواءِ ڪندا.اپ گريڊيشن کانپوءِ اسٽيڊيمز ۾ عالمي معيار جون سهولتون هونديون ۽ ڪرڪيٽ جا شوقين ڪرڪيٽ ميچن مان وڌيڪ لطف اندوز ٿيندا. پاڪستاني قوم ڪرڪيٽ جي راند سان محبت ڪري ٿي ۽ سمورين ٽيمن کي سپورٽ ڪري ٿي. وفد ۾ آءِ سي سي جي سينئر مينيجر ايونٽس ساره ايڊگر، ايونٽ مينيجر ۽ چيمپئنز ٽرافي ايونٽ ليڊ عون محمد زيدي، جنرل مينيجر ڪرڪيٽ وسيم خان، سيڪيورٽي مينيجر ڊيوڊ مسڪر، براڊ ڪاسٽ ڪنسلٽنٽ منصور منج شامل هئا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ عثمان واهله، ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ڪرنل (ر) خالد محمود، هيڊ آف مارڪيٽنگ سلمان به ان موقعي تي موجود هئا.











