شارجه -19 سيپٽمبر(اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 20 سيپٽمبر تي شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، شارجه ۾ کيڏي ويندي. افغانستان جي ٽيم کي ڏکڻ آفريقا خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. افغانستان جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ڏکڻ آفريقا ۽ افغانستان جي مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم يو اي اي ۾ آهي جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي، جنهن جي هڪ ميچ کيڏي وئي آهي. افغانستان جي ٽيم جي ڪپتاني حشمت الله شهيدي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پروٽيز ٽيم جي ڪپتاني ٽيمبابووما ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 20 سيپٽمبر جمعي ڏينهن کيڏي ويندي. جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 22 سيٽمبر تي کيڏي ويندي. ون ڊي ميچن جي سيريز جون ٽئي ميچون شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، شارجه ۾ کيڏيون وينديون.