لنڊن _ 16 سيٽمبر (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 5 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 19 سيٽمبر تي ٽرينٽ برج، ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي.آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري تي آهي، جتي اها ميزبان برطانوي ٽيم خلاف 3 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کان علاوه 5 هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي . انگلينڊ ۽ آسٽرليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل 3 ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر رهي. ٽن – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ مهمان آسٽريلوي ٽيم 28 رنسن تان کٽي ورتي هئي جڏهن ته ميزبان ٽيم انگلينڊ ڪم بيڪ ڪندي ٻي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ميچ برسات جي ور ڇڙهي وئي هئي. ٽي – ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ بعد پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 19 سيپٽمبر تي ٽرينٽ برج، ناٽنگهم ۾ ٿيندي.