سائوٿمپٽن -10 سيپٽمبر (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اربع 11 سيپٽمبر تي روز بال، سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي. آسٽريليا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري تي آهي ، جتي اها ميزبان برطانوي ٽيم خلاف ٽن ٽو- ٽوئنٽي جڏهن ته 5 ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز اربع کان شروع ٿيندي اها ميچ روزبال، سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي جيڪا رات جو فلڊ لائٽ ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي فلپ سالٽ ڪندو جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم مچل مارش جي اڳواڻي هيٺ ميدان ۾ ايندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جو ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ 13 سيپٽمبر تي صوفيه گارڊنز، ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 3 ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 15 سيپٽمبر تي ايمرٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچيسٽر ۾ کيڏي ويندي، ٽي ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 19 سيپٽمبر تي ٽرينٽ برج ، ناٽنگهم ۾ ٿيندي.اي