ميڊرڊ – 09 سيپٽمبر (اي پي پي ) سلووينيا جي سائيڪلسٽ پرائموز روگلڪ چوٿون ڀيرو ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس کٽي ورتي آهي. 33ورهين جي سائيڪلسٽ پرائموزروگلڪ نه رڳو ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس جو 79هون ايڊيشن پنهنجي نالي ڪيو پر چوٿون ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ ۾ سوڀارو ٿيو. آسٽريليا جي سائيڪل سوار بين اليگزينڊراو ڪونر ٻئي ۽ اسپين جو سائيڪل سوار ايزڪ ماس ٽئين نمبر تي رهيو. ٽن هفتن تائين جاري ريس جي 21هين ۽ آخري مرحلي ۾ سوئٽرزلينڊ جو سائيڪلسٽ اسٽيفن ڪنگ فاتح رهيو پر مجموعي سرسي سلووينيا جي سائيڪلسٽ پرائموزروگلڪ حاصل ڪئي. سلووينيا ڪينامو سائيڪلسٽ پرائموز روگلڪ مجموعي طور برتري سان فتح حاصل ڪئي. ان کان اڳ 2019ع ۽ 2020ع، 2021ع ۽ هاڻي 2024ع ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد چوٿون ڀيرو سائيڪل ريس کٽڻ بعد اسپين جي سائيڪل سوار رابرٽو هراس جي برابر ٿي ويو آهي.