لنڊن-05 سيپٽمبر(اي پي پي) انگلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جمعي 6 سيپٽمبر کان 10 سيپٽمبر تائين ڪيننگٽن اوول، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ميزبان انگلينڊ ٽيم کي آئيلينڊرز خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي. انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان هارايو هو. جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ 190 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪئي آهي. سريلنڪن ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ جي دوري تي آهي ۽ هو پنهنجي انگلينڊ جي دوري دوران ميزبان برطانوي ڪرڪٽ ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جو ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جمعي کان 10 سيپٽمبر تائين ڪيننگٽن اوول، لنڊن ۾ کيڏيو ويندو.