بيونس آئرس-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ارجنٽينا ۽ چلي جي ٽيمن وچ ۾ فٽ بال ورلڊڪپ ڪواليفائر ميچ 5 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي. ارجنٽينا جي فٽ بال ٽيم لاءِ خراب خبر اھا آھي ته اسٽار فٽبالر ليونل ميسي انجري جي مسئلي سبب ورلڊڪپ ڪواليفائر اسڪواڊ مان ٻاھُر ٿي ويو آھي. ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي کي چلي ۽ ڪولمبيا خلاف ايندڙ مھيني ٿيندڙ ڏکڻ آمريڪي ورلڊڪپ ڪواليفائر لاءِ اعلان ڪيل اسڪواڊ مان ٻاھر ڪري ڇڏيو آهي. 37 ورھين جي ميسي کي گذريل مھيني آمريڪا ۾ ڪوپا آمريڪا جي فائنل دوران پير جي انجري سبب 28 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ارجنٽينا 5 سيپٽمبر تي بيونس آئرس جي مونومينٽل اسٽيڊيم ۾ چلي جي ميزباني ڪندو ۽ پنجن ڏينھن بعد بارانڪويلا ۾ ڪولمبيا سان مقابلو ڪندي.