لاهور -02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ اپگريڊيشن پراجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ بيسمينٽ جي جاري ڪمن جو معائنو ڪيو. پي سي بي ترجمان مطابق چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم اپگريڊيشن پراجيڪٽ کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ايف ڊبليو او ۽ نيسپاڪ کي هدايتون جاري ڪيون. هن هدايت ڪئي ته اسٽيل فڪسنگ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ تعميراتي ڪمن کي وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. بعد ۾ پي سي بي چيئرمين جي صدارت هيٺ ايف ڊبليو او جي ڪيمپ آفيس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپگريڊيشن پراجيڪٽ جي تعميراتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. محسن نقويءَ نيسپاڪ کي ڊزائن جلد مڪمل ڪري ايف ڊبليو او کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسٽيڊيم جي اپگريڊيشن پراجيڪٽ کي چيمپئنز ٽرافي کان اڳ مڪمل ڪرڻو آهي. هن تعمير هيٺ انڊر گرائونڊ واٽر ٽينڪ پراجيڪٽ جو به معائنو ڪيو. ان موقعي تي پي سي بي جو انفراسٽرڪچر ڊائريڪٽر، سينئر جنرل مئنيجر انفراسٽرڪچر نيسپاڪ ۽ ايف ڊبليو او جا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.