لنڊن -28 آگسٽ (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 29 آگسٽ خميس کان شروع ٿيندي 2 سيپٽمبر تائين لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيي ويندي. ميزبان انگلينڊ جي ٽيم کي آءِ لينڊر خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسري حاصل آهي.انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي سريلنڪن ٽيم هِن وقت انگلينڊ جي دوري تي آهي. انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي بين اسٽوڪس جي غير موجودگي ۾ مشهور بيٽسمين اولي پوپ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته آئي لينڊرز جي اڳواڻي مشهور آل رائونڊر ڌنن جايا ڊي سلوا جي ڪندو. ان کان اڳ انگلينڊ لائنز ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل چئن ڏينهن جي پريڪٽس ميچ ۾ انگلينڊ لائنز سريلنڪن ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارايو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ (اڄ) خميس کان 2 سيپٽمبر تائين لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ کيڏي ويندي.