ٽرينيڊاڊ-27 آگسٽ (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ اربع 28 آگسٽ تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ويسٽ انڊيز ٽيم کي مهمان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم خلاف ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. ويسٽ انڊيز ٽيم پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 7 وڪيٽن جڏهن ته ٻي ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ 30 رنسن تان شڪست ڏئي چڪي آهي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف 2 ٽيسٽ ميچون کيڏي، جنهن ۾ مهمان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 1-0 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ کٽڻ ۽ هارائڻ کانسواءِ ختم ٿي وئي هئي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 40 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ اربع 28 آگسٽ تي کيڏي ويندي.